SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Dual Nationality

(click word to listen sound
  • 🔊
  • djuːəl
  • næʃənælitiː
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Dual Nationality

ڊيوئل نيشنلٽي

ٻٽي شهريت- قوميت

بين الاقوامي قانون ۾ قومي سڃاڻپ يا شهريت ”رت جي رشتن واري قانون“ (jas sangunis) يا ”ڌرتيءَ جي قانون“ (jus solis) تحت يا وري ڪنهن ملڪ ۾ لڏي وڃي ويهڻ ۽ اتي مقرر مدو گذارڻ (Naturalization) کان پوءِ ئي ملي سگھندي آهي. ٻٽي شهريت فقط ان صورت ۾ ٿي سگھي ٿي ته جڏهن ڪو شخص ڪنهن هڪ رياست ۾ اهڙي ڪٽنب ۾ جنم وٺي، جيڪو ماضيءَ ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ جو رهواسي هُجي، ان کانسواءِ ڪو شخص لڏي ڪنهن رياست ۾ مقرر مدو پورو ڪري ”نيچرلائيزيشن“ جي عمل هيٺ شهريت حاصل ڪري پر سندس اصلي جنم واري رياست وٽ سندس ڄائي ڄم واري شهريت کي رد ڪرڻ جو ڪو قانون يا جواز نه هجي يا ڪو شخص ٻنهي رياستن جي اجازت سان ٻنهي ملڪن ۾ رهي ۽ اچي وڃي سگھي. ”ٻٽي شهريت“ ۾ فائدا ۽ نقصان ٻئي ٿي سگھن ٿا. هڪ طرف ٻٽي شهريت رکندڙ فرد کي ڪي حق، رعايتون فائدا ۽ تحفظ ملن ٿا، جيڪي ٻئي رياستون کيس ڏين ٿيون ته ٻئي طرف ٻٽا قانون ۽ ضابطا به لاڳو ٿين ٿا، جن جي پاڻ ۾ ٽڪراءَ سبب کيس وڏن ڏچن کي به منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان کان علاوه ٻن مختلف سماجن سان واسطيداريءَ سبب کيس سماجي، سياسي، قانوني ۽ نفسياتي مسئلن مان پڻ گذرڻو پوي ٿو


Remember Me Also:

سر تي سهڻ

برداشت ڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal